لاهور -30 آڪٽوبر (اي پي پي) نادرا پاڪ آءِ ڊي ايپليڪيشن ۾ نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن. ترجمان موجب فنگر پرنٽ ۽ سڃاڻپ ڪرائڻ ??قت پيش آيل تڪليفن کي ختم ڪيو ويو آهي. نادرا ترجمان مطابق صارفين نادرا آفيس ۽ ٻي سموري معل??ما?? به ان ايپ جي مدد سان گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن ٿا. نادرا پاران پي او سي رکندڙ ماڻهن لاءِ ويڊيو يا تصوير ذريعي تص??يق جي سهولت ف??اهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان کان علاوه سڃاڻپ وارن ڪاغذن ۾ تبديلي جو عمل به انتهائي آسان ڪيو ويو آهي. پاڪ آءِ ڊي ايپ تي پيچيده فنگر پرنٽس جو طريقيڪار اڳ کان بهتر ۽ وڌيڪ آسان ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاڻي صارفين آٽوميٽڊ ميسيجنگ ذريعي هر لمحي ڪنهن به قسم جي دستاويزن بابت باخبر رهي سگهبا. جڏهن ته پاڪ آءِ ڊي ايپليڪيشن ۾ نادرا آفيس جي باري ۾ سموري ضروري معل??ما?? فراهم ڪئي وئي آهي.