اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪم??ٽي ناڻي واري وزارت جي تجويز تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هائوس بلڊنگ فنانس ڪم??ني لميٽيد (ايڇ بي ايف سي ايل) ۾ پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن سوئي سدرن گئس ڪم??ني جي رهتن، گئس بلن جي اد??ئي??ي جي مد ۾ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطن واري ڪم??ٽي جو اجلاس وز??را??ظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.