اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، ي??سف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ ??هيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراع??م جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ وزيراع??م جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس ه??لڊ?? بشمول صدر ۽ وزيراع??م جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.