اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وز??را??ظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وز??را??ظم آفيس مان جار?? بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وز??را??ظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وز??را??ظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن ??ي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وز??را??ظم عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وز??را??ظم عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي ??عاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.