اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) ايوان صدر ۾ عي??الاضحيٰ جي نماز ڪورونا بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد سان ادا ڪئي وئي. عوام جي نالي وڊيو پيغام موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گهر ۾ عي?? جي نماز ادا ڪئي. بعد ?? صدر ايوان صدر جي عملي سان عي?? مليو ۽ هڪ هڪ ٿي سڀني کي عي?? جي مبارڪباد ڏني. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي موجود هئي. عي?? ملڻ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد ڪيو ويو. سماجي فاصلو برقرار رکيو ويو جڏهن ته سمورن ماڻهن ماسڪ پائي رکيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عي??الاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ذوالحج جو مهينو قرباني، اطاعت، خيرخواهي ۽ نظم ۽ ض??ط سيکاري ٿو، ان کان ا?? ايوان صدر ۾ عي??الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي وئي.