اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرق??نو??ي قدم سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي اس??حصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير اس??حصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرق??نو??ي ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرق??نو??ي قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.