اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي م??ڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو و??ي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. م??ڪ ۾ پهريون ڀيرو و??ڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪين??لا??ي جو ??ستعمال ڪيو پيو و??ي. وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوانن ايپليڪيشن جو ??ستعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪن??لا??ي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو ??وق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.