اسلام ??باد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان?? جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ??يندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن ??ي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستا?? جي لاءِ ?? پاڪستا?? جي عوام ??ي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.