عاشق حسين ساند
حيدرآباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صنعتي شعبو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار جو حامل هئڻ سميت روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستا?? جي صنعتي شعبي ۾ ٻين صنعتن سان گڏ ٽيڪسٽائل ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت پڻ ڪرنگهي جي هڏي واري ??يثيت رکي ٿي جيڪا قومي معيشيت جي مضبوطي ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻيل آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد ٽيڪسٽائل جي شعبي تي خاص طور تي ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هاڪاري قدم کنيا آهن جنهن جا حوصلائتا نتيجا پڻ ملي رهيا آهن.
سنڌ صوبي جي سانگهڙ ضلعي کي ٽيڪسٽائل خاص طور تي پاور لومز جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. سانگهڙ ضلعو بهترين معيار ۽ گهڻي مقدار ۾ ڦٽي پيداوار ڏيندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي ان ضلعي جي اهم شهر ٽنڊو آدم ۾ پاور لومز گهريلو صنعت گذريل 50 سالن کان قائم آهي ۽ هزارين پورهيت ان صنعت سان واڳيل آهن جنهن سان نه رڳو انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملي رهي پر ان سان گڏ ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ حاصل ٿي رهيو آهي
پاڪستان سمال يونٽس پاور لومز ايسوسيئيش?? جي زونل سيڪريٽري محمد صابر انصاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان طرفان ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيارڻ وارن قدمن سان ننڍين صنعت?? جي شعبي ۾ بهتري ??يندي، لاڪ ڊائون دوران بجلي جي بل?? جي مد ۾ 3 مهينا رعايت سان بکون ڪاٽڻ کان بچي وياسين ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهياسين. هن چيو ته ڪپڙو ٺاهڻ واري ??نعت ۽ ٽيڪسٽائل جو شعبو ملڪي معيشيت ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي. سانگهڙ ضلعي جي شهر ٽنڊوآدم ۾ 500 کان وڌيڪ پاور لومز جا ننڍا وڏا يونٽ ڪم ڪري ??هيا آهن جن ۾ 7000 جي لڳ ڀڳ ڪپڙي ٺاهڻ جو مشينون لومون هلندڙ آهن جن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ پورهيت ڊيلي ويجز بنيادن تي ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪن ٿا،
هن ٻڌايو ته دنيا جي ٻين ملڪن مان گهرايل داڳو ڪراچي پهچڻ بعد اسان خريد ڪندا آهيون ۽ هتي صرف انهن مشينن ذريعي پولسٽر، اسٽيپل، جارجهٽ، کاڌي، ڪاٽن، سائزنگ ۽ مڇر دانين سميت ٻين مختلف قسمن جو ماهوار 2 ڪروڙ ميٽر ڪچو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد اماڻيو وڃي ٿو جتي ا?? جي فنشنگ بعد اهو ڪپڙو، آمريڪا، برطانيه، جرمني، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت دنيا جي ڪيترن ??ي ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو جنهن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. جڏهن ته انهن سمورن يونٽس تي بجلي جي مد ۾ ڪابه رهت ناهي ۽ ماهور لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين جا بل وقت تي حيسڪو کي ادا ڪيا وڃن ٿا. لاڪ ڊائون دوران بجلي جي بل?? جي مد ۾ 3 مهينا رعايت واري ??مل تي وزيراعظم پاڪستان سميت وفاقي حڪومت جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته اهڙي عمل سان هو بکون ڪاٽڻ کان بچي ويا ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهيا نه تي هو زبون حالي جو شڪار ٿي وڃن هان. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ننڍين صنعتن ڏانهن ڏيان نه ڏنو جنهن سبب اهي صنعتون ڪا جوڳي ترقي نه ڪري ??گهيون پر موجوده حڪومت جي هاڪاري قدمن سبب ان شعبي ۾ ترقي ٿيندي ۽ ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته صنعتي شعبو ڪنهن به ملڪ مان بيروزگاري ??ي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو اهڙي ريت پاور لومز جو شعبو پڻ ملڪ اندر روزگار فراهم ڪرڻ سميت ملڪي معيشيت جي مضبوطي جو سبب بڻيل آهي.
هن ٻڌايو ته ٽنڊوآدم ۾ پاور لومز جو شعبو گذريل 50 سالن کان 10 هزار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ??هيو آهي ڪپڙي جي صنعت ٽنڊوآدم جي سڀ کان وڏي صنعت آهي جنه?? جي هجڻ سان ٽنڊوآدم شهر ۾ بيروزگاري ناهي. هن مطالبو ڪيو ته پورا بل پيارڻ کي نظر ۾ رکندي سندن فيڊر کي لوڊ شيڊنگ فري قرار ڏنو وڃي ۽ داڳي جي گهٽتائي سبب مليل آرڊر پورا نه ٿي رهيا آهن ان معاملي ڏانهن به خاص ڏيان ڏنو وڃي ۽ مختلف ٽيڪس?? جي مد ۾ جوڳي ڇوٽ ڏني وڃي ته جيئن هو ملڪي معيشيت جي واڌاري ۽ ملڪي ترقي ۾ اڃا به وڌيڪ ڪردار ادا ڪري ??گهن.
پاور لومز مالڪن ٻڌايو ته اسا?? جي شهر ۾ ننڍي وڏي پيماني تي هلندڙ اها صنعت وڏي انگ ۾ افرادي سگهه جو سهارو بڻيل آهي ۽ ان سان ڳنڍيل ٻيا به ڪيترائي شعبا ڦن ترقي ڪري ??هيا آهن ان حوالي سان پاور لوم مالڪ ساجد انصاري ٻڌايو ته اسا?? جي شهر ۾ پاور لومز جي شعبي ۾ هزار?? جي انگ ۾ پورهيت ڪم ڪري ??هيا آهن جنهن سان انه?? جي گهر جون چلهيون ٻري ??هيون آهن. پاور لومز ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ٿو ۽ تيار ٿيڻ ان جو روانگي واپار پڻ ڪيو وڃي ٿو هن ٻڌايو ته پاور لومز ۾ جهار جهٽ، پوليسٽر، ململ، اسٽيپل، کاڌي ۽ ٻين مختلف قسمن جو ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو جنه?? جي عوام ۾ تمام گهڻي گهرج رهي ٿي.
ان حوالي سان هڪ ٻ??ي مالڪ شڪيل احمد انصاري ٻڌايو ته اسا?? جي علائقي ۾ هزار?? جي انگ ۾ ننڍيون وڏيون پاور لومز لڳل آه?? جيڪو هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آهي ۽ ان سان ٻين شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جا موقعا وڌي رهيا آهن. گڏهه گاڏين، ريڙهي گاڏين، ٽرڪن ۽ ڊاٽسن سميت ٻئي ٽرانسپورٽ پڻ ان شعبي سبب پنهنجو روزگار ڪري ??هي آهي.
هوڏانهن پاور لومز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته سندن ڪٽنب جي سمورين گهرجن کي پورو ڪرڻ سميت هن صنعت سبب سندس گهر جو چلهو ٻري ??هيو آهي. هن ٻڌايو ته هو ڏهاڙي تي ڪم ڪن ٿا ۽ کين 12 ڪلاڪ?? جي ڊيوٽي ڪرڻ تي 500 رپين کان 700 رپيا اجورو ملي ٿو. هنن جو چوڻ هو ته بي شڪ اها اجرت گهٽ آهي جنهن سبب بهتر صحت، بهتر تعليم سميت ٻين سهولت?? جي حوالي سان مشڪلاتون درپيش آهن جن ڏانهن لاڳپيل ادارن کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
پر تنهن هوندي به اها ڳالهه فخر سان چئي سگهجي ٿي ته ٽنڊوآدم سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ قائم پاورلومز جي صنعت نه رڳو روزگار جي فراهمي جو وڏي ذريعو آهي پر ان سان گڏو گڏ ملڪي معيشيت کي هٿي ڏيڻ ۾ پڻ اهم وسيلو بڻيل آهي.