اسلام آباد – 20 فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڊسڪا فائرنگ واقعي ۾ ڪارڪنن جي قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو ثبوت آهي ته (ن) ليگ ڌوئونس، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنده گردي جي سياست تي يقين رکي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ليگي جٿن پولنگ اسٽيشنن کي يرغمال بڻائي و??ٽ جي عزت کي پائمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن ۾ شفافيت جڏهن ته مخالف ڌر خريد ۽ وڪري ?? پئسي جي سياست جو تسلسل چاهي ٿي.