اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان ع??صر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ??ن ٿا، بدقسمتي اها آهي ته اهڙا ع??صر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين عٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪ زرداري س?? تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چي?? ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح ٿي س??ني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آهيان، اها ??پورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا جيڪي ”ٽيڪس هيون“ آهن. هڪ رپورٽ موجب غريب ۽ اسرندڙ ملڪن مان بدعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چوري جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران اشرافيه ملوث آهي. وزيراعظم چي?? ته غريب ملڪن جا نواز شريف ۽ زرداري چوري جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ادارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي انهن کي ڪمزور ??ن ٿا، هي اهڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن جي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي وڃي ٿو ان جي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بدعنوان ع??صر ناجائز پئسي سان ميڊيا هائوسز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا ان جو سڀ کان وڏي بدقسمتي اها ??هي ته معاشري ۾ ڪرپشن کي س??ني جي لاءِ قابل قبول بڻايو وڃي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها ??وچ وڌي ٿي ته کائي ٿ?? ته کارائي به ٿو ۽ هڪ زرداري س?? تي ڀاري جيڪو خريد ڪري ٿو اها ??ياسي بصيرت تصور ??ئي وڃي ٿي. وزيراعظم چي?? ته قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، اها قوم پوءِ انصاف نٿي ڪري س??هي جنهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن اتي طاقتور ??ي اين آر او ۽ غريب کي سزا ڏني وڃي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چي?? ته حديث جو مفهوم آهي ته ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غريب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي. هن چي?? ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري س??هي. جرمني ۽ جاپان تباهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. وزيراعظم چي?? ته سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آهي.