ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ??ڏه?? نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، راند??ون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بل??چستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته بل??چستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بل??ن اسپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دل??سپ?? وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جي??ڏه?? اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بل??چستان جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دل??سپ?? جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.