اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير ??ي اپري?? 2021ع ۾ ڪيل ??اڪ??تان جي دؤري ج?? حوالو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه طرفه ناتا ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. ??اڪ??تان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته ??اڪ??تان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ضرور?? ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه ??اڪ??تان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39