اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽن کادي پيتي جي ش??ن سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پاڪ افغان بارڊر طورخم ت?? پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسان جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، ??راعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آه?? پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ?? دوائن ۽ کادي جي ش??ن جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.