اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان ??ونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زي??ن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچس??ان صوبي جي امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ??ه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ??اقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر ج??يل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.