اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي م??تسب جي آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئن?? ۽ ??ئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سز?? ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سان اپيل جمع ڪرائڻ تي آئيسڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئيسڪو 6 بجلي صا??فين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيسڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صا??فين ٻيهر بل موڪلڻ جي آئيسڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي م??تسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وفاقي م??تسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئيسڪو وفاقي م??تسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته آئيسڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پريشان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي م??تسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صا??فين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صا??فين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صا??فين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪ??ڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صا??فين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وفاقي م??تسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صا??فين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئيسڪو کي موڪلڻ بئن?? ۽ ??داري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي م??تسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته آئيسڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ملوث بئن?? ۽ ??ئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سز?? ڏني وڃي.