اسلا?? آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ع??ران ??ان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ع??ران ??ان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ع??ران ??ان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون نامزد ڪيل ذميدارن کي ه??ٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق پاڪستان جي مقبول ۽ منظم ترين سياسي قوت آهي، سياسي ۽ انتظامي طور تي ه??ٺين سطح تائين ع??ام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائ?? تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائ?? تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عمل ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پاڻ کي منظم ۽ آئنده جي سياسي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ ج?? تياري ڪن.