اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابو??هب?? جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابو??هب?? ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي ل??ءِ شديد خطرو آهن. وزيراعظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي. ولي عهد ??حمد بن زيد وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي ل??ڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.