اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراع??م عمران خان روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مس??لن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعب?? ۾ ??عاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مس??لن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب وزيراع??م عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.