اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته زندهه ساڙڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي عمل کي انتهائي سختي سان ڪُچليو ويندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪنهن فرد يا گروهه پاران قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش قطعي طور تي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم ع??ران چيو ته هن آءِ جي پنجاب کان ميان چن??ن واقعي جي ذميوارن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن شهري کي زندهه ساڙيندڙ ڏوهارين ۽ فرض سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهندڙ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جا تفصيل طلب ڪيا آهن.