منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن تي انهن جي گهر وارا به ا??تماد نه ٿا، انهن جي گهر وارا به چون ٿا ته انهن وٽ پ??سا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي و??ندا، هي وڏا چور آهن، انهن چورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گهرجي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان کي انهن کي ڪيسن مان ن??رڻ ناهي ڏيڻو، انهن کي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن چيو ته اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي آهي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن چيو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي ۽ نان قهوي تي جلسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿيندا آهن. هن چيو ته منڊي بهاءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، چيو ويندو هو ته جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، اڄ ثابت ٿي و??و آهي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿين ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي ته ا??ان رڳو عمران خان تي اعتماد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي عوام لاءِ تاريخي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي بهاءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي بهاءُ الدين جي عوام اطلاعات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.