اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 مار?? تي ضلعي ٽانڪ ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوان?? جي پونئرن سان ٽيليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان افسوس جو اظهار ۽ شهيد?? جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر وط?? جي خاطر جان قربان ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ڪيپٽن سعد بن عامر ۽ صوبيدا?? ميجر شير محمد جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر عارف علوي حوالدار سهيل اقبال، لانس نائيڪ علي غلام ۽ رياض جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي مسڪين علي ۽ سپاهي مير جي وارثن سان به رابطو ڪيو، صدر عارف علوي شهيد?? جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.