اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پاڻي جي کو?? کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي ماهرن تي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، ??يڪا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غ??ائي ۽ پاڻي جي کو?? کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پاڻي جي بچاءُ ۽ موجوده ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي آهي، پاڻي جي کو?? جا خطرن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي آهي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.