اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آه?? ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آه??، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آه?? ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي جهڪائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جوهري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جوهري پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آه?? جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو اعلان ڪيو آه??، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، ه?? چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستان کي حقيقي معاشي آزادي ڏيارڻ طرف تاريخي قدم آه??، ه?? چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.