گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپري?? وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳ??پي?? عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپري?? وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چا??نا ايڊ پا??ان پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.