چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي لاءِ 15 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي لاءِ 10 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آهي، خيبرپختونخواهه ۾ متاثر علائقن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪنداسين، ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر آخري شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزير??عظ?? ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده جو دورو ڪيو جتي وزير??عظ?? متاثرين جي لاءِ قائم امدادي ڪئمپن جو دورو ۽ متاثرين جي لاءِ ڪئمپن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وزير??عظ?? ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزير??عظ?? متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا. وزير??عظ?? کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 16 لک جي آبادي ۽ ٽن تعلقن تي ٻڌل چارسده مان ٽي درياءَ گذرن ٿا، هتي متاثرين جي لاءِ خيما بستيون قائم ڪيون ويون آهن، ان ضلعي ۾ برساتن سان 5 فوتگيون جڏهن ته 180 ماڻهو زخمي ٿيا، هتي نقصانن جي سروي جاري آهي، 11 هزار ايڪڙ ڪپهه جي زمين برسات کان متاثر ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻن وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ضمني چونڊن جي لاءِ جلسا ته ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪوهستان ۾ ڦاٿل 5 ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ انهن جو هيليڪاپٽر نه آيو جڏهن ته ڊي سي ۽ اي سي صوبائي حڪومت سان ان حوالي سان رابطو پڻ ڪيو، هاڻي اطلاعات واري صوبائي وزير بيان ڏنو آهي ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ان ڪم جي لاءِ نه آهي. هن وزير??عظ?? کي چيو ته توهان اڳ ۾ خادم پنجاب هئا هاڻي خادم پاڪستان آهيو، اسان کي توهان مان اميدون آهن، صوبائي حڪومت مان ڪا اميد نه آهي. وزير??عظ?? چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندان ۾25 هزار رپين جي روڪ رقم جي ورڇ 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي ان جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن تحت هتي پئسا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته نوشهره ۾ به روڪ رقم جي ورڇ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزير??عظ?? چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ??ما?? گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاق سنڌ جي لاءِ 15 ارب جڏهن ته بلوچستان جي لاءِ 10 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن، ڪالام، ڪوهستان سميت ٻين متاثر علائقن جود ورو ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هو نوشهره مان به ٿي آيو آهي، کيس ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هتي 5 کان 6 فوٽ پاڻي چڙهيو جيڪو هاڻي لهي ويو آهي، اهو الله جو نظام آهي. هن چيو ته في خاندان 25 هزار رپيا پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ماڻهن ۾ ورهايا پيا وڃن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان م اهو پروگرام جاري آهي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 242 ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ??يا آهن، ڪالام، سوات، دير ۾ ??ما?? گهڻي تباهي ٿي آهي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون، ايين ڊي ايم اي ۽ صوبن سان گڏجي متاثرين جي هر ??مڪن مدد ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته وفاق متاثرين سان گڏ آهي، آخري متاثر شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿ لڳايو پيو وڃي، صوبن سان گڏجي جيستائين ممڪن ٿيو انهن جي نقصان جو ازالو ڪنداسين. وزير??عظ?? ان موقعي تي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ مرحومن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي.