اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ جي تباهي سبب پيدا ٿيندڙ صورت??ال کي منهن ڏيڻ، ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ عالمي برادري کي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي خوراڪ، دوائن، پاڻي ۽ ٻين شين جي فوري ضرورت آهي، تازي ٻوڏ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، حڪومت ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ محدود وسيلن جي باوجود ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ??تاثرين جي مدد لاءِ گڏ ڪيل رقم جي پائي پائي شفافيت سان خرچ ٿيندي، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين قدم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ واري صورت??ال تي عالمي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2020ع ۾ به ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو هو جڏهن ته تازي ٻوڏ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، 2010ع جي ٻوڏ ۾ عالمي برادري پاران ڀرپور مدد ڪئي وئي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي دورن سان ٻوڏ جي تباهي جو اندازو ٿيو، اها ٻوڏ واري تباهي موسمياتي تبديلين جو خطرناڪ نتيجو آهي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، ??وڏ سان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 300 ٻارن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، بيٺل فصل مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ کجور، ڪپهه ۽ سارين جا فصل ختم ٿي ويا آهن، اها ئي صورت??ال بلوچستان ۾ به آهي، ??وڏ کان متاثر ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين شين جي فوري ضرورت اهي، ??فاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي، ??ي ڊي ايم اي ۽ هٿياربند فوج ٻوڏ کان متاثر مانهن جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف ملي سگهي، ??زارين ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي، ??وڏ متاثرين جي ريسڪيو جي لاءِ هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين جو به استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ واري صورت??ال انتهائي تباهي آڻيندڙ آهي، ??وڏ جي ڪري ڳنڀير صورت??ال جا معيشت تي به اثر پوندا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 هزار 5 سئو ڪلوميٽر رستا تباهه، سوين پليون، فلائي اوورز ۽ انڊر پاسز لُڙهي ويا آهن، ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي سهولت به معطل ٿي وئي، ??تاثرين جي مدد لاءِ وزير ۽ سيڪريٽريز متاثر علائقن ۾ موجود آهن، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ به مواصلاتي ذريعا بند ٿي ويا جن کي ب??ال ڪيو پيو وڃي، ??حدود وسيلن جي باوجود ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، هن وقت اسان کي جيڪا صورت??ال درپيش آهي اهڙي صورت??ال پنهنجي پوري زندگي ۾ نه ڏٺي، ريسڪيو ۽ ريليف کانپوءِ بحالي جو ڪم شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي هنگامي بنيادن تي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما مهيا ڪيا پيا وڃن، سڄي دنيا ۾ پنهنجي دوستن کي به تعاون جي اپي?? ڪئي آهي جنهن جو انهن مثبت جواب ڏنو آهي ۽ چارٽرڊ جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پهچي رهيا آهن، ڪجهه ملڪن ٽرين جي ذريعي به امدادي سامان موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ استنبول مان تهران رستي امدادي سامان کڻي ٽرين پهچي رهي آهي، ??يا ملڪ مالي امداد ۽ سامان فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قومي ميڊيا پاران ٻوڏ جي منظرڪشي سان امداد شروع ٿي، عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي، ??وڏ واري صورت??ال ۾ وقت سر ريسپانس تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ هٿياربند فوج جي ڪوششن سان در??نين هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي ٻارن، عورتن ۽ ٻين متاثرين کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي ۽ آخري متاثر شخص جي آبادڪاري تائين اسان جا قدم جاري رهندا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل مشاورت سان ٺوس ريليف سرگرمين جي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ امداد ڏيندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ادارن سان رابطو برقرار رکندو. وزيراعظم چيو ته متاثرين جي مدد جي لاءِ گڏ ٿيندڙ رقم جي پائي پائي شفافيت سان خرچ ڪئي ويندي ۽ امدادي رقم مستحقين تائين پهچندي، اسان ترقياتي فنڊز جو رخ به بحالي جي سرگرمين طرف موڙينداسين، عالمي برادري، ترقي يافته ملڪ ۽ عالمي ادارا هن مشڪل گهڙيءَ ۾ قومي تعمير جي عمل ۾ اسان جي مدد ڪن.