اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي صدر ۽ تر??يه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم تر??يه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري ??عد 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ترڪ صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي تر??يه ۽ پاڪستان وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي تر??يه جي صدر طرفان خير سگالي ۽ يڪجهتي طور تر??يه جي گهرو وزير سلمان سويلو ۽ ماحوليات واري وزير ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي پاڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. ترڪ صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت آگ??هه ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 ??يڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ۾ لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪيو ۽ لکين گهر ۽ انفراسٽ??چر به تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ترڪ صدر کي حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت آگ??هه ڪيو، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ تر??يه طرفان امداد حاصل ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.