نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ س??حي مباحثي ۾ شريڪ ٿ??ند??ن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ س??حي مباحثي ۾ شريڪ ٿ??ند??ن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.