ثمرقند – 15 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان بيلاروس جي صدر اليگزينڊر ??ريگوري وچ لوڪا ش??نڪو ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف ۽ مفتاح اسماعيل پڻ موجود هئا.