اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽروي ايم ن??ئن تي نوري آباد ويجهو بس ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين ??ي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هُو نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي بس کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين ??ي زيان تي شديد ڏکويل آهي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته ان حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ک?? جنت ۾ جڳهه ڏي، ڏکويل خاندانن ک?? صبر جميل عطا فرمائي ۽ زخمين ک?? جلد صحتيابي ڏي.