اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري ??هر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري ??وام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مم??ڪت?? وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت ??ي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مم??ڪت?? وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميري ??وام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري ??هي آهي، پاڪستان ڪشميري ??وام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري ??هي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري ??هيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.