اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي ??ها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج م??ڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪينسر پروڊ??شن پروگرام شروع ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي ??اراهيان ٿو، جنهن جي مدد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي سان ماڻهن کي ??نشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام سان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت ??ه فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪينسر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ڏني ويندي.