اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) ??ال??ي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه ??ال??ي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تما?? گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي ??ال??ي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سي??پڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي ??ال??ي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ ??ال??ي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. ??ال??ي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين ک?? مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانا??ي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سي??پڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين ک?? مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي ??ال??ي سي??پڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.