اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي سطح تي هڪ ٺوس، موثر ۽ معياري ذهني ۽ نفسياتي صحت جي هيلپ لا??ين قائم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي هڪ ٺوس ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ??رڻ گهرجي جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي حصيداري ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي سميت ٻين تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي صحت ۽ تندرستي بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ۽ نجي شعبي ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن وسيلن ۽ قدمن کي هڪ قومي هيلپ لا??ين ٺاهڻ ۾ شامل ??رڻ گهرجي. صدر چيو ته دماغي صحت فراهم ڪندڙ ادارن ۽ پروفيشنلز جي ڊيٽابيس ٺاهي وڃي، پاڪستانين جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ حصيداري جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پهرين قومي ذهني صحت جي هيلپ لا??ين قائم ??رڻ ۽ شروع ??رڻ جي لا??ِ 45 ملين رپين جي مالي ضرورت کي پور?? ڪرڻ جي لا??ِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ نوان رستا ڳوليا وڃن، هيلپ لا??ين قائم ??رڻ ۽ فعال ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ٺوس آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. صدر قومي ذهني صحت جي هيلپ لا??ين جو ماڊل تيار ??رڻ جي قدم کي ساراهيو. هن چيو ته ايڇ اي سي، يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن کي دماغي صحت ??ي تعليم ۾ داخلا جي حوصلا افزائي جي لا??ِ اضافي سيٽون پيدا ??رڻ گهرجن ته جيئن معاشري ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن جي ضرورت کي پور?? ڪرڻ جي لا??ِ نفسياتي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته نيشنل هيلپ لا??ين جي انتظاميا آخري سال جي شاگردن کي نفسياتي شعبن ۾ ڇهن مهينن جي انٽرنشپ جي لا??ِ شامل ??رڻ تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي ته جيئن هيلپ لا??ين جو استعمال ڪندڙ مريضن کي مشاورت فراهم ڪري سگهجي. صدر گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ خودڪشي جي بلند شرح جو نوٽيس وٺندي چيو ته ايتري وڌيڪ شرح جا سبب ڄاڻڻ جي لا??ِ هڪ جامع مطالع?? ڪرڻ ۽ ان رجحان کي روڪڻ جي لا??ِ اڳ ۾ مشاورت ۽ تدارڪ جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان رجحان جو مڪمل طور تي خاتم?? ڪري سگهجي. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي بنيادي، ثانوي ۽ اعليٰ صحت جي ادارن کي ٺوس نظام جو حصو بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو منصوبي کي شروع ??رڻ جي لا??ِ 50 لک رپين جي شروعاتي رقم فراهم ڪندو. صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته معاشري ۾ ذهني صحت جي بهتري لا??ِ هڪ پائيدار پروگرام قائم ??رڻ جي ضرورت آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سطح جي ذهني صحت جي هيلپ لا??ين جو ماڊل تيار ڪرڻ ۾ صدر جي رهنمائي ۽ ڪميٽي جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.