اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آهي، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رهيو، سڄي م??ڪ ۾ احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا رڪاوٽ جاري ??هندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات د??را?? ڳالهائي رهيو هو.