مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪرندو، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنهن کانپوءِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيرا??ظم نريندر مودي ج?? 11 ??ينهن ۾ پاڪستان کي ??تح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪشمير ??تح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ??لڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جيڪڏهن پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئن کان ??طر?? آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتوا جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.