اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته هو اڄ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اسيمبلي کي خطاب ڪندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀارت جي هٿان ظالماڻي فوجي گهيراءُ د??پي?? آهي جڏهن ته والاريل واديءَ ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون ڪوششون پڻ جاري آهن. وزيراعظم چيو ته هندستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ذريعي جن ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آئون بطور سفير انهن س??ني جو آواز بڻجندو رهندس.