اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان اسلام ج?? هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي ??نو??ن سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام ج??ڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا ??ي دوران پاڪستاني عوام ج??هن حوصلي، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي، هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ برداشت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.